حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ وٽ مارجي ويل پورهيت راجا ميراڻي جي قتل جو ڪيس ٻن نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. راجا ميراڻي کي 2 ڏينهن اڳ نامعلوم ماڻهن جي او آر ٿاڻي جي حد ۾ ٿڌي سڙڪ وٽ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. مقتول پورهيت جي ڀاءُ عرفان ميراڻي جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته راجا ميراڻي ٿڌي سڙڪ وٽ جمع نماز پڙهي گهر پئي موٽيو ته سوڪ سينٽر سامهون موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن کيس گولي هنئي جنهن ڪري هو فوت ٿي ويو. فرياد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مقتول راجا ميراڻي گاڏي کاتي جي کوکر پاڙي ۾ گاڏين جي ڊيڪوريشن جو ڪم ڪندو هو. کيس گلي ۾ گولي لڳي جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو. جي او آر پوليس جيتوڻيڪ ڪيس داخل ڪري ورتو آهي پر اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. واضح رهي ته حيدرآباد جي ايس ايس پي امجد احمد شيخ پورهيت راجا ميراڻي جي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ ايس پي هيڊڪوارٽر انيل حيدر منهاس جي سربراهي ۾ هڪ جاچ ڪميٽي به قائم ڪئي هئي جنهن ۾ اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر، سي آءِ انچارج منير عباسي ۽ ايس ايڇ او جي او آر نظام شيخ کي شامل ڪيو ويو آهي. جاچ ٽيم اڃا تائين پنهنجي رپورٽ پيش نه ڪئي آهي.