ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي واسي نوجوان کي اڳوڻي سالي پاران قتل ڪرائڻ جو انڪشاف، ڪيس داخل، ڇنڇر تي هٿياربندن ڪورنگي لائبريري وٽ فائرنگ ڪري 24 ورهين جي مزمل کي قتل ڪيو هو، مقتول جي والد داخل ڪرايل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي منهنجي پٽ آگسٽ مهيني ۾ ڪهڪشان سان ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو هو، ڪهڪشان جو ڀاءُ عبيد ۽ سندس ڀيڻويو انهي شادي مان خوش نه هئا، بعد ۾ ڪهڪشان ۽ مزمل ۾ طلاق ٿي وئي، ڪهڪشان جي ڀاءُ مزمل کان هڪ لک رپين جو مطالبو ڪيو، مزمل کيس 50 هزار ڏنا، باقي 50 هزارن لاءِ عبيد وارا منهنجي پٽ کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا، منهنجي پٽ کي عبيد ۽ سندس ڀيڻوئي عمران قتل ڪرايو آهي.