جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ کير پيئڻ سبب فوت ٿيل پيرسن وزيران جون خبرون ميڊيا ۾ هلڻ بعد پوليس عورت جي گهر پهچي لاش تحويل ۾ وٺي جيڪب آباد سول اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ آندو، ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب لاش 5 ڪلاڪ اسپتال ۾پيل رهيو، ڊاڪٽرياڻي اچڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.فوتڻ پيرسن عورت جي مڙس صحافين کي ٻڌايو ته بهادپور جي ڳوٺ يارعلي واسي ٽمڪو گولو اسان جي گهر ۾ ايندڙ هو، جنهن 5 ڏينهن اڳ گوشت ۽ کير خيرات ڪري ڏنو ۽ کير جي چانهن پيئڻ سبب اسان سڀ گهر ڀاتي بيهوش ٿي وياسين ۽ منهنجي زال فوت ٿي وئي، پهريان ته پوليس ڪيس وٺڻ لاءِ به تيار نه هئي هاڻي پوسٽ مارٽم لاءِ لاش اسپتال کڻائي آيا آهيون، اسان جي وس وارن کي اپيل آهي ته ٽمڪو گولو مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.  هوڏانهن پوليس ٽمڪو گولو جي گرفتاري لاءِ گهر تي ڇاپو هنيو پر جوابدار ملي نه سگهيو پوليس ان جي سئوٽ کي گرفتار ڪيو آهي.  ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي وارثن ٽمڪو گولو تي قتل جو شڪ ڏيکاريو جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا آهن پر جوابدار فرار ٿي ويو آهي. ياد رهي ته دلمراد ٿاڻي جي حد ۾ خيرات ۾ مليل کير جي چانهن پيئڻ سبب پيرسن عورت فوت ٿي هئي.