ٽنڊوڄام (رپورٽ مبين مگسي )ٽنڊوڄام جي علائقي شاھي بازار ۾ مبينا زھريلو حلوو کائڻ سبب اسپتال ۾ داخل نينگر 12 سالن جي محمد ثاقب ڪراچي جي اسپتال دم ڏئي ڇڏيو . ٻه سڳا ڀائر ۽ ڀينرون فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 4 ٿي ويو آھي. گھر ۾ چارٻارڙا فوت ٿيڻ سبب گهر ۾ ڪهرام متل آهي،. صدمي ۾ والدين جي طبعيت پڻ خراب ٿي وئي آهي ۽ کين بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. جڏهن ته علائقي ۾ پڻ سوڳ ڇانيل آهي. واضح رھي ته چار  ڏينھن اڳ گجرن جو حلوو کائڻ سبب محمد اڪرم راجپوت جي چئن ٻارن جي طبعيت خراب ٿي وئي، جنھن سبب سندس ٻه ڌيئرون ست ورهين جي روميسا ۽ ٻن ورهين جي انمتا  پهرئين ڏينهن ئي فوت ٿيون جڏهن ته 14 ورهين جو جو واهب بعد ۾ فوت ٿي ويو، ڪالھ  محمد اڪرم راجپوت جو آخري پٽ  محمد ثاقب به علاج دوران فوت ٿي ويو آهي ، ٻيئ پاسي فوتين جي چاچي انڪشاف ڪيو آهي ته ڄاڻايو حلوو تازو ٺهيل هو !! جڏهن ته فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم سيمپل وٺڻ لاءِ پهتي، جنهن تي  وارثن کين چيو ته اسان کي ڪا شڪايت ناهي. جنهن بعد فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي نمونا نه وٺي سگهي. ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته پوليس ٻارن جي موت جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ پوسٽ مارٽم ئي نه ڪرايو هو.