حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي مختيارڪار الطاف ڪوريجو تي حملي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف روينيو عملي پاران ٽئين ڏينهن به آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاج ڪيو ويو. آل سنڌ روينيو ايمپلائيز يونين جي سڏ تي شهباز بلڊنگ، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد ۽ تعلقي مختيارڪار آفيسن جي تالابندي ڪندي ملازمن شهباز بلڊنگ ۾ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي سيد سردار شاهه ۽ ٻين چيو ته 2 ڏينهن اڳ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٻاهران وڪيلن مختيارڪار الطاف ڪوريجو تي تشدد ڪيو. واقعي جو ڪيس ڪينٽ ٿاڻي تي 2 وڪيلن آصف ابڙو ۽ راشد وساڻ تي داخل ڪرايو آهي پر اڃا تائين پوليس ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو جڏهن ته ڪينٽ پوليس وڪيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران قاسم آباد جي مختيارڪار الطاف ڪوريجو، امتياز سولنگي، عبدالرزاق منگي ۽ مقبول ڪوريجو سميت 4 ڄڻن خلاف وڪيلن کي گارگند ڪري موتمار ڌمڪين ڏيڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مختيارڪار خلاف داخل ڪيس فوري طور ختم ڪري مٿس حملو ڪندڙ وڪيلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.