حيدرآباد: سنڌ ۾ ڪبوترن جي شوقينن وٽ هن وقت ڪلسرو، گولڊن، جيرو، ڦل ڪارا، ٻگهلا، ڦڪا، شابدار، دوباز، ديئر، چترو، تمنگ، ٽيڊي، سيالڪوٽي ۽ ٻين نسلن جا ڪبوتر موجود آهن، جن جي سار سنڀال ۽ پالنا هو ٻارن جيان ڪن ٿا. خفتين جو چوڻ آهي ته ڪبوترن کي هو مڪس داڻو، دال، ٻاجهر، چانور سميت ٻي خوراڪ شوق سان کارائين ٿا، جڏهن ته بازين دوران کين بادام به کاريون ڇڏين ته جيئن ڪبوتر کين بازين دوران مايوس نه ڪن. حيدرآباد ۾ ٽنڊو آغا، هيرآباد، گجراتي پاڙي، ڦليلي، حر ڪئمپ، وحدت ڪالوني، ٽيون نمبر تلاءُ، مڪي شاهه، حسين آباد، لطيف آباد، قاسم آباد توڙي تعلقي ٻهراڙي جي علائقن ۾ هر هفتي ڪبوترن جون وڏيون بازيون لڳن ٿيون جنهن دوران دير تائين اڏام ڪندڙ ڪبوترن جا مالڪ هزارن کان ويندي لکين رپين جون شرطون کٽين ٿا.