حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ ۾ ڪبوترن جي پالنا وارو شوق عروج تي پهتل آهي، پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ ڪبوتر بازي جي شوق سان گڏ پورهيت طبقو ڪبوترن جو واپار به ڪندو رهي ٿو. سنڌ ۾ هونئن ته ڪبوتر بازي جو رجحان هر هنڌ نظر اچي ٿو پر ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ حيدرآباد واسي ڪبوترن جي پالنا کان ويندي شوق ۽ واپار جي حوالي سان تمام گهڻا اڳڀرا نظر اچن ٿا. ان ڏس ۾ روزاني پنهنجي اخبار پاران ڪبوتر بازي جي شوق بابت ڪيل سروي ۾ خفتين کان مليل ڄاڻ موجب ته حيدرآباد، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، مٽياري، ڄامشورو، ٺٽو ۽ سجاول سميت ٻين ضلعن جي شهرن توڙي ٻهراڙين جا ٻار، نوجوان توڙي پيرسن ڪبوتر پالڻ جو شوق رکن ٿا جڏهن ته ڄاڻايل ضلعن ۾ اعليٰ نسل جي ڪبوترن کي اڏائڻ لاءِ لکين رپين جون شرطون به رکيون وڃن ٿيون. اهڙي ريت قاسم آباد، سٽي، لطيف آباد توڙي ٻهراڙي واري تعلقن ۾ ڪبوترن جي شوقينن گهرن جي ڇتين تي پڃرا ٺهرائي ڇڏيا آهن، جتي وٽن سون جي تعداد ۾ ڪبوتر موجود آهن. سروي دوران ٽنڊو آغا، لياقت ڪالوني، مرزا پاڙي، ٽنڊو حيدر ۽ ٻين علائقن جي خفتين ٻڌايو ته هن وقت پنجاب سان تعلق رکندڙ استاد مصري الدين پاران متعارف ڪرايل ٽيڊي نسل جو ڪبوتر جي تمام گهڻي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته هو اڏام جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور آهي، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت مان متعارف ٿيل رامپوري نسل جا ڪبوتر وري سونهن ۾ سڀني کان سهڻا آهن ان لاءِ خفتي ڪبوترن جي جوڙ ۾ ڄاڻايل نسل جي ڪبوتر کي به گهڻي اهميت ڏين ٿا. اهڙي ريت سيال ڪوٽي ڪبوتر عقل ۽ فهم جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته ان نسل جو ڪبوتر اڏام دوران جنهن گهر جي ڇت تان اڏام شروع ڪندو واپس به ساڳئي هنڌ ئي لهڻ کي ترجيحي ڏي ٿو. شوقينن موجب ته سنڌ جي تمنگ نسل جو ڪبوتر پنجاب ۾ بنهه گهڻو مقبول آهي. بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ ديئر ۽ چترو نسل جا ڪبوتر ٽيڊي نسل جي ڪبوتر سان جوڙ ۾ گڏجي هزارين رپين جون رکيل شرطون به کٽي وڃن ٿا ان ڪري سندن مجبوري هجي ٿي ته وٽن ٽيڊي نسل جي ڪبوتر سان گڏ جوڙ ۾ رامپوري، سيالڪوٽي، تمنگ، ديئر ۽ چترو نسل جا ڪبوتر هجن ته بازيون آساني سان کٽي سگهن. ڪبوترن جي بازي کٽڻ لاءِ اڪثر علائقن ۾ خفتي پکين کي نشي آور شيون يا وري دوائون به کارائين ٿا ته جيئن سندن ڪبوتر دير تائين اڏام ڪندو رهي ۽ هو بازي کٽي سگهن. ڪجهه خفتين جو خيال آهي ته هاڻي ڪبوترن کي نشو کارائڻ بدران هو دوائون کارائين ٿا ڇاڪاڻ ته دوائن سان به ڪبوتر دير تائين اڏام ڪن ٿا. گرمي جي موسم ۾ ڪبوترن جا شوقين ايتريون بازيون نٿا رکن پر سياري جي موسم ۾ سنڌ جي مڙني علائقن ۾ شوقينن پاران هفتي بدران ٻئي ٽيئن ڏينهن به بازيون رکيون وڃن ٿيون. بازين ۾ شرڪت لاءِ خفتي هڪ ضلعي مان ٻئي ضلعي پهچي پنهنجو حصو رکن ٿا ته جيئن هو ڪجهه پئسا ڪمائي سگهن.