حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مارڪيٽ پوليس سول اسپتال حيدرآباد مان فرار ٿيل قيدي واري معاملي تي لاپرواهي جو  مظاهرو ڪندڙ اي ايس آءِ سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. اهو ڪيس پوليس لائين جي انسپيڪٽر ثناءُ الله هليو جي فرياد تي داخل ٿيو آهي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته 18 جون تي نارا جيل مان فراڊ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شاهنواز پٽ شڪيل احمد غوري کي علاج لاءِ سول اسپتال جي ڪارڊيولاجي وارڊ منتقل ڪيو ويو هو جتان هو فرار ٿي ويو هو.  فريادي موجب ته قيدي اي ايس آءِ محمد حسن، سپاهي نديم، شاهد حسين، اعجاز علي ۽ غلام مرتضيٰ جي غفلت سبب فرار ٿيو آهي ان لاءِ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ٽن سپاهين کي سوگهو ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي پر سندن گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي. ٻئي پاسي پوليس سپاهين جي گرفتاري کان لاعلمي جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ايف آءِ اي پاران بوگس چيڪ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي عدالت جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو هو جتان بيماري سبب کيس سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتان هو هڪ ڏينهن اڳ رات جو فرار ٿي ويو آهي.