لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي ۾ ٺيڪيدارن جي تنظيم مهراڻ ڪانٽريڪٽر ايسوسئيشن طرفان مهانگائي  جي حساب سان لوهه، سيمينٽ، سِرن، ڪاٺ، ريتي، بجري، ڊانڀر، رنگ سميت ٻئي سامان جي ريٽ ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف پورهيتن سان گڏجي هٿن ۾ ڪوڏر، بيلچا، تگاريون، پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي صوبائي نائب صدر سعيد احمد جتوئي، ضلعي چيف آرگنائزر رياض حسين لانگاهه، نورالله ابڙو، ملازم حسين لغاري، عامر امداد سولنگي، واجد حميد گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته اسين سالن کان وٺي ورڪس اينڊ سروس کاتي سميت ٻين تعميراتي کاتن ۾ ٺيڪيداري ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. هنن چيو ته ملڪ ۾ مسلسل پئٽرول، گيس، ڊيزل، بجلي سميت عام واهپي جي شين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ هر 15 ڏينهن پئٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي اتي ٺيڪيدار به سخت مالي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.