لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڊي ايس پي حيدري اسد الله ڀٽي، ايس ايڇ او حيدري خادم بليدي، ٽريفڪ سارجنٽ ٽو  عبدالوحيد ابڙو ۽ ٻين سان گڏجي ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 21 جون جي تي قتل ٿيل صديقي ڪالوني واسي نائين ڪلاس جي شاگرد شيراز جمالي واقعي ۾ ملوث مُک جوابدار صديقي ڪالوني واسي اصغر ولد خدابخش سانگي ۽ سندس ڀاءُ علي اڪبر سانگي کي گرفتار ڪري سندن وٽان پيچڪش ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي.هن چيو ته  جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو  ته ڪجهه وقت اڳ ڏوهاري سان جهيڙو ٿيو هو، ان ۾ شيراز جي چاچي غلام اصغر سانگي وارن جي مدد ڪرڻ بجاءِ ان ڏوهاري جي پٺڀرائي ڪئي، ان معاملي تان جوابدار غلام اصغر شيراز کي بيٽري کڻڻ جي بهاني مسجد ۾ گهرائي پنهنجي ڀاءُ علي اڪبر سان گڏجي سروٽا هڻي قتل ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس مقتول شاگرد جي والد جي فرياد تي داخل آهي ۽ گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.