حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران قاسم آباد جي نيو مسلم ٽائون ڪاٽيجز ۾ فليٽ ڊاهڻ خلاف ڏنل نوٽيسن تي اسٽي ڏيندي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي کين 9 نومبر تي عدالت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. قاسم آباد سان تعلق رکندڙ مسمات حميده ميمڻ ۽ ٻين پنهنجي وڪيل اياز تنيو معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڄاڻايل ڪاٽيجز جي تعمير دوران پاڻ نقشو ٺاهي ڏنو ۽ انهن جي منظوري بعد فليٽ تعمير ڪرايا ويا هئا جڏهن ته هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران فليٽن جا اڳيان حصا غيرقانوني ڄاڻائي مسمار ڪرڻ لاءِ کين نوٽيس اماڻيا ويا آهن. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته جيڪڏهن ڄاڻايل ڪاٽيجز واري زمين جو ڪجهه حصو سرڪاري هو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي انتظاميا پلان جي منظوري ڪيئن ڏني هئي. وڪيل عدالت کي اها به آگاهي ڏني ته ڄاڻايل زمين جا سمورا ڪاغذ درخواستگذارن جي نالي تي آهن ان لاءِ استدعا آهي ته فليٽ ڊاهڻ کان اٿارٽي کي روڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايس پي، ايس ايڇ او قاسم آباد ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي قاسم آباد جي عملدارن کي به جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.