ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي علي حسن زرداري خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري نيب انڪوائري ۾ داخل ڪيل ضمانت واري درخواست تي علي حسن زرداري جي 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪندي لاڳاپيل احتساب عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. نيب موجب علي حسن زرداري خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري جاري آهي.