حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ سيد امتياز علي شاهه جي صدارت ۾ عيدالاضحيٰ دوران صفائي سٿرائي جي انتظامن لاءِ لاڳاپيل عملدارن ۽ نجي ڪمپني جي عهديدارن جي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ ڪانٽيجنسي پلان تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ايم ڊي سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ هدايت ڪئي ته آلائشن کي گڏ ڪرڻ لاءِ تعلقي سطح تي 12 عارضي ڪليڪشن پوائنٽ ٺهايا وڃن. لطيف آباد تعلقي ۾ 4، قاسم آباد ۾ 2، حيدرآباد سٽي ۾ 5 ۽ ڪوٽڙي ۾ هڪ ڪليڪشن پوائنٽ ٺاهڻ کان علاوه تعلقي سطح 11 ڪيمپون لڳايون وينديون جڏهن ته عيدالاضحيٰ جي ٽنهي ڏهاڙن دوران سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جون 462 گاڏيون آلائشون ۽ ٻيو گندڪچرو کڻڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون ۽ اهو گند ڪچرو ملاڪاتيار لينڊ فل سائيٽ تي منتقل ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ جانورن جي قرباني جا امڪان آهن جنهن ڪري آلائشون 4478 ٽن تائين ٿينديون. عيد کان اڳ عيدگاهن توڙي مسجدن جي ڀرپاسي صفائي سٿرائي کان علاوه برسات جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي هنگامي صورتحال لاءِ پلان بي ٺاهيو ويندو. گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري نسيم الدين ميراڻي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آپريشن حيدرآباد نثار احمد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آپريشن ڪراچي طارق نظاماڻي ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.