ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) کدڙن فقيرن،  سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي ته ملڪ جي کدڙن فقيرن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪري کين مخصوص سيٽن تي اسيمبلين ۾ پھچايو وڃي ـ ڪالهه  مقامي ھوٽل ۾ خواجا سرائن کي سياست ۽ اليڪشن جي مرحلي ۾ شامل ڪرڻ بابت ڪوٺايل  مشاورتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي متحده جي ايم پي اي منگلا شرما چيو ته کدڙن فقيرن کي هميشه  نظرانداز ڪيو ويندو ھو ـ سنڌ جي مڪاني ادارن ۾ کدڙن فقيرن لاءِ مخصوص سيٽون رکڻ سان سندن سماجي صورتحال بھتر ٿي آھي، جڏهن ته سياسي پارٽين به انھن کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي آھي، هن چيوته کدڙا فقير عام مرد ۽ عورت کان وڌيڪ باصلاحيت آھن، انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو چيو ته آئين ۾ سڀني شهرين کي سمورا انساني حق حاصل آهن پر کدڙن فقيرن کي سازش تحت پيڙھيو ويو آهي، ايڊيشنل آءِ جي (جينڊر ڪرائيم) شھلا رضا چيو ته سنڌ پوليس کڊرن فقيرن سميت صنفي بنيادن تي تشدد جو نشانو بڻجندڙن جي تحفظ ۽ کين انصاف ڏيارڻ لاءِ  خاص سيل قائم ڪيا ويا آهن، کدڙن فقيرن جي اڳواڻ شھزادي راءِ چيو ته سياسي پارٽين مان رڳو پ پ  ئي کدڙن فقيرن جي بھتري لاءِ  ڪم ڪري پئي، تقريب کي ڪامي سڊ ـ ڊاڪٽر شبنم،  ايڊووڪيٽ نشا رائو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته کدڙن  فقيرن جي تعليم ۽ صحت لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن.