خانپور مهر (ن پ ا) خانپور مهر ويجهو ڳوٺ حيات ڀنڀرو واسي مغوي مامي ڀاڻيجي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن پاران ڌرڻو هنيو ويو. ڳوٺ حيات ڀنڀرو، قائم ڀنڀرو، رمضان ڀنڀرو ۽ ڪوندو جي رهواسين پاران مغوي شوڪت ڀنڀرو ۽ يونس ڀنڀرو جي بازيابيءَ لاءِ خانپور مهر جي ٺڪراٺو پل وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي شديد نعريبازي ڪئي وئي. مظاھرين ممتاز علي ڀنڀرو، لال دين، مشتاق، تاج محمد،  غلام نبي، لياقت ڀنڀرو ۽ ٻين ٻڌايو ته ڌاڙيل خميس ڏينهن عادلپور ٿاڻي جي حد مان شوڪت ۽ يونس ڀنڀرو کي اغوا ڪري ويا آهن. ڌاڙيل سرعام فون ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر پوليس حدبندي جو بهانو بڻائي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪابه اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مظاهرين پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي نوجوانن کي باحفاظت بازياب ڪرائي وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.