حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ احتساب عدالت پاران 5 سال قيد جي سزا ٻڌايل حيدرآباد ريلوي ايمپلائيز سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين مطلوب احمد جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ريلوي ايمپلائيز سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين احتساب عدالت پاران مليل سزا خلاف وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪرائي هئي. جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر ٻڌڻي ڪئي. وڪيل جا دليل ٻڌندي عدالت 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري سندس آزادي جو حڪم ڏنو. احتساب عدالت 30 جنوري 2021ع تي حيدرآباد ريلوي ايمپلائيز سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين مطلوب احمد کي ريلوي سوسائٽي جي پلاٽن ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 سال قيد ۽ 50 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته ساڳئي نيب ريفرنس ۾ عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي سنڌ ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي ايم ڊي نويد زرار ۽ حيدرآباد ريلوي ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر عبدالستار لغاري کي بري ڪري ڇڏيو هو.