شھداپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ مهراڻ ٽائون واسڻ عورت مسمات مومل پاران سندس ٻن ٻارن 3 ورهين جي حسين ۽ 8 سالن جي ڪومل کي حبس بيجا ۾ رکڻ واري داخل درخواست تي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عورت جي وڪيل ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ هنڱورو عدالت کي ٻار ماءُ حوالي ڪرڻ جي
استدعا ڪندي دليل ڏنا ته ٻار عورت جي اڳوڻي مڙس وٽ آهن ۽ ٻارن جي سٺي نموني پرورش توڙي زندگي جي ضروريات پوري نٿي ٿي سگهي، ٻارن جي عمر به گهٽ آهي، کين ماءُ حوالي ڪيو وڃي. دليل ٻڌڻ بعد عدالت سڳوري ٻنهي ٻارن کي ماءُ مومل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مسمات مومل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجا ٻئي ٻار سندس اڳوڻي مڙس وٽ آهن جيڪي سندس حوالي ڪيا وڃن.