دادو (رپورٽر ) دادو جي عدالت پاران جھيڙي جي ڪيس ۾ 5 ڄڻن کي 1_1 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ان ڏس ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پوليس ٿاڻي گاجي شاھ تي شاهنواز جمالي جي فرياد تي سال 2020 ۾ داخل ڪيل جهيڙي جي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مولابخش ، چاڪر ، مير حسن ۽ فقير محمد جمالي سميت 5 جوابدارن کي هڪ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ 20 /20 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، سزا ٻڌائڻ کانپوءِ جوابدارن کي ڊسٽرڪٽ جيل دادو نيو ويو آهي.