حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي اڄ حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين عورت آزادي مارچ ڪيو ويندو. مارچ جي موبلائيزيشن جي سلسلي ۾ ويف اڳواڻ ڊاڪٽر حسين مسرت ۽ وومين پروٽيڪشن سيل جي ڊائريڪٽر ماروي اعواڻ ھينڊز انڊپينڊنٽ سينٽر ۾ وڃي اسپيشل ماڻھن سان گڏجاڻي ڪئي. اڳواڻن اسپيشل ماڻهن ۾ ويف جو تعارف ڪرائيندي چيو ته جسماني ڪمزوري  ڪو عيب نه آھي ڇاڪاڻ ته ھتي موجود سڀ انسان دماغي طور تي مضبوط ۽ ذھين آھن جن کي سماج جو اھم حصو سمجهيو وڃي. سينٽر جي جنرل سيڪريٽري لال محمد چيو ته پاڪستان ۾ ساڍا 3 ڪروڙ ڊس ايبل پرسنس آھن جن ۾ ڏيڍ ڪروڙ عورتون شامل آھن. هن چيو ته سنڌ جي 90 لک ڊس ايبل پرسنس ۾ عورتن جو تعداد 40 لک آهي. ماروي اعواڻ چيو ته اسپتالن، اسڪولن سميت مختلف سرڪاري عمارتن ۾ ڏاڪڻن سان گڏ وھيل چيئر ھلڻ لاءِ مخصوص رستا ٺهرايا وڃن ته جيئن اسپيشل پرسنس به ٻين ماڻهن جيان آساني سان چرپر ڪري سگھن. هن چيو ته عورت آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿي اسپيشل پرسنس پنهنجي مسئلن کان آگاهي ڏين ڇاڪاڻ ته عورت آزادي مارچ جي پليٽ فارم تان سندن مسئلن ۽ مشڪلاتن کي حڪومتي ادارن تائين پھچائڻ لاءِ ھر سطح تي آواز بلند ڪيو ويندو.