ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ شب برات نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي هن رات رب پاڪ جون پنهنجي مخلوق مٿان خصوصي رحمتون هونديون آهن ۽ هن ڀلاري رات جي صدقي ڪيترن ئي گناهگارن جا گناهه بخش ڪيا ويندا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻهن مغرب جي نماز کان پوءِ 6 نفل ادا ڪيا. عبادت جو سلسلو سڄي رات جاري رهيو. جنهن ۾ رب پاڪ جي آڏو گناهن جي توبهه، بخشش ۽ مغفرت، ايمان ۽ سلامتي، رزق جي ڪشادگي، آفتن، مصيبتن، محتاجي، تندگستي، صحت وعافيت، عالم اسلام پاڪستان جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. فوتين جي وارثن سندن قبرن تي فاتحه خواني جي لاءِ قبرستان جو رخ ڪيو ۽ فاتحائون پڙهيون.