لاهور (م ڊ) لاهور ۾ عورت مارچ نادرا آفيس شملا جبل کان وٺي مقامي هوٽل تائين منجهند ٻي وڳي کان شام 6 وڳي تائين ٿيندو، اجازت ملي وئي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عورت مارچ جي اجازت لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس انوار حسين عورت مارچ انتظاميا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عورت مارچ انتظاميا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ميٽنگ کانپوءِ عدالت کي آگاهه ڪيو ته عورت مارچ نادرا آفيس شملا جبل کان وٺي مقامي هوٽل تائين هوندو، عورت مارچ منجهند ٻي وڳي کان شام 6 وڳي تائين هوندو. عدالت حڪم ڏنو ته عورت مارچ انتظاميا جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي ڪو تڪراري بيان اپ لوڊ نه ٿيندو ۽ مارچ ۾ پاڪستان جي آئين خلاف ڪو قدم نه هوندو.