حيدرآباد (بيورو رپورٽ) گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچر الائينس پاران 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن جي ڪاغذن جي ٻيهر ڇنڊ ڇاڻ واري عمل خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ استادن ڳچي ۾ سڪل مانيون ٻڌي اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي تعليم کاتي جي انتظاميا خلاف نعريبازي به ڪئي. ان موقعي تي الائينس جي چيئرمين اعجاز کوسو، عاقل سمون، شهزادي ڀرڳڙي، نجيب ابڙو ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي پاران کين 2012ع ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو. مختلف انڪوائرين بعد سندن پگهارون جاري ڪيون ويون پر ان جي باوجود 10 سال گذرڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر سندن ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو بهانو بڻائي کين نوڪرين مان بيدخل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آهي. اهڙو عمل پڙهيل لکيل نوجوانن سان ظلم آهي. هنن چيو ته 10 سالن کانپوءِ هٿرادو جاچ ڪميٽي ٺاهي 600 کان وڌيڪ مرد ۽ عورت استادن کي بيروزگار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو عمل فوري طور بند ڪيو وڃي.