نئون ڳوٺ (ن پ ا) درگاھ سعدي موساڻي تي اوقاف کاتي جي سرڪاري مسافر خاني ۾ پنهنجي فيملي سان گڏ آيل عورت پاران پوليس اهلڪار تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، عورت جي رڙين تي ماڻهو گڏ ٿي ويا، جنهن بعد پوليس اهلڪار فرار ٿي ويو، جڏهن ته الزام هڻندڙ عورت   صبح سوير  پنهنجي ڳوٺ رواني ٿي وئي، ان حوالي سان  سعدي موساڻي جي سيڪيورٽي انچارج محمد مٺل ناريجو ٻڌايو ته متاثر عورت معاملي کي خدا تي ڇڏي ھلي وئي، باقي الزام ھيٺ آيل پوليس اھلڪار بشير لغاري جي رپورٽ ٺاھي ايس ايس پي دادو آفيس موڪلي آھي، ان خلاف ڪارروائي ايس ايس پي دادو ڪندو.