دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري جي ڳوٺ صابن وڳڻ جي رھواسين برساتي پاڻي سندن ڳوٺن ڏانھن نيڪال ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو، مظاهرين محبت وڳڻ، حسن وڳڻ، شفيق وڳڻ، امير بخش ۽ ٻين چيو ته پوليس بااثرن جي چوڻ تي اسان جي ڳوٺن ڏانھن برسات جو پاڻي نيڪال ڪري گھر ٻوڙائي رھي آھي، هنن چيو ته  مصر جي واءِ ڦل روڊ تي اڳ ئي لڳل ھٿرادو ڪٽ ذريعي برسات جو پاڻي سم نالي ۾ نيڪال ٿي رھيو آھي مٿان وري پاڻي نيڪال ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته پوليس رات جي اونداھي ۾ ونجيون ھڻي اسان جي ڳوٺن کي ھٿ سان ٻوڙي رهي آهي، هنن نوٽيس وٺي تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي.