حيدرآباد(رپورٽر) حيدر آباد ۾ الهوسايو خان ڀٽي، محمد ابراهيم پٺاڻ ۽ جاويد اقبال جوڻيجو ميموريل آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامينٽ ۽ شهباز دراني، پير بخش پٺاڻ ۽ غلام رسول پٺاڻ ميموريل آل پاڪستان جونيئر شوٽنگ بال ڪپ جمعي کان شروع ٿيندو. ان سلسلي ۾ ٽورنامينٽ جي سيڪريٽري آغا عبدالصبور ٻڌايو ته حسين آباد جي پٺاڻ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ملڪ ۾ وڏي آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامينٽ ۾ سڄي ملڪ مان 70 کان وڌيڪ ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جڏهن ته جونيئر ڪپ ۾ 30 کان وڌيڪ ٽيمن ۾ مقابلو ٿيندو،

 

ايونٽ جي افتتاحي تقريب جمعي ۽ پڄاڻي آچر تي ٿيندي.