لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت جي نگراني هيٺ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز 2023ع جون رانديون ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رهيون، جتي هاڪي مئچ جي فائنل ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم گورنمينٽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور جي ٽيم کي 6-1 گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي. مئچ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي ٽيم طرفان جواد ۽ ڀلي ڏنو 2، 2 گول، اندراس ۽ مزمل هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو. ان موقعي تي مهمان خاص ڊائريڪٽر ريجنل ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر احمد بخش ڀٽو ۽ ٻين طرفان رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويا.