ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد چيو آهي ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ون ڊي ۾ ڪڏهن به بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي. هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته رضوان جي بهتر پرفارمنس ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ آهي، هن ڪڏهن به ون ڊي ۾ بهترين ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري، جيڪڏهن اوهان رضوان جو اسٽرائيڪ ريٽ سرفراز جي اسٽرائيڪ ريٽ اڳيان رکندا ته ڏسندا ته بلڪل ميچ نه ٿيندو. عاقب جاويد شان مسعود کي نائب ڪپتان بڻائڻ جي سوال تي چيو ته ون ڊي سيريز ۾ ڪجهه شيون تمام عجيب ٿيون، خبر ناهي شان مسعود کي نائب ڪپتان ڇو ۽ ڪنهن بڻايو، شان مسعود کي نائب ڪپتان بڻائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي،

 

ان لاءِ منصوبابندي جي ضرورت آهي.