حيدرآباد: ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا جو ڏس نه پتو، اختيارين کي نوٽيس

0
280

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا جي پراسرار گمشدگي بابت گهرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي کائن 3 جون تي جواب طلب ڪري ورتو، ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا حماد حسين ميمڻ جي گهر واري سائره حماد ميمڻ مڙس جي گمشدگي بابت وڪيل معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست گذار جي وڪيل جا دليل ڏيندي چيو ته 12 اپريل2021ع تي مڙس بدين ۾ ڊيوٽي تان واپس گهر اچي رهيو هو ته تلهار مان سندس گاڏي لاوارث حالت ۾ هٿ آئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا حماد ميمڻ کي مبينا طور پوليس موبائل پروٽوڪول ۾ ويگو ۾ سوار ماڻهن سول ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهن کنڀيو پر تلهار پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد گهرو کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي بدين کي نوٽيس جاري ڪندي کائن 3 جون تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.