ڊگهڙي ڀرسان پورهيت جا 19ڇيلا پراسرار نموني مري ويا

0
385

ڊگهڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ مبارڪ نوحاڻي ۾ پورهيت نارو ولد ڪانڊيرو رٻاري جا 19ڇيلا پراسرار نموني مري ويا آھن، پورهيت نارو رٻاري سنڌ سرڪار سميت ضلعي حڪومت کي اھڙي بيماري جي جاچ سميت مدد جي اپيل ڪئي آھي، سندس چوڻ ھو ته ننڍڙا ڇيلا وٺي انھن کي پالي وڏو ڪري عيدالضحيٰ تي وڪرو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو آھيان، ڇيلن جي مرڻ بعد ٻچن جو پيٽ گذر سفر ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو، سرڪار مدد ڪري