لاڙڪاڻو: زرعي زمين جي مالڪي تان جهيڙو، عورت قتل، 2 زخمي

0
241

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عالم خان بروهي ۾ غلام مصطفيٰ بروهي ۽ محبت بروهي جي ڌرين ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي سبب هڪ ئي ڌر جا 2 ماڻهو زخمي ۽ هڪ پيرسن عورت قتل ٿي وئي. قتل ٿيل پيرسن عورت جي وارثن غلام حسين بروهي، منور، حميده خاتون، زبيده خاتون، مختيار بروهي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته 8 سال اڳ غلام مصطفيٰ بروهي، محمد خان بروهي کي هڪ جريب زرعي زمين عارضي طور تي رهائش لاءِ محمد خان بروهي کي رهائش لاءِ زمين ڏني هئي جيڪا هاڻي هو کپائي رهيو هو جنهن جي اسان حد جي رشيد وڳڻ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي هئي جنهن تي پوليس ٻني ڌرين جي ماڻهن کي گرفتار ڪري وئي هئي جنهن بعد ٻيهر محبت بروهي 20 کان وڌيڪ هٿيار بند ساڻ ڪري اسان جي گهرن مٿان ڪاهه ڪري حملو ڪيو جنهن سبب عبدالنبي بروهي، عاشق بروهي زخمي ٿي پيا ۽ پيرسن عورت قتل ٿي وئي جنهن جي هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت لاڳاپيل اعلي اختيارين کي مطالبو ڪندي چيو ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويندو.