حيدرآباد ٽريزري ڪرپشن اسڪينڊل:6 جوابدارن کي سزا

0
309
حيدرآباد ٽريزري ڪرپشن اسڪينڊل:6 جوابدارن کي سزا
حيدرآباد ٽريزري ڪرپشن اسڪينڊل:6 جوابدارن کي سزا

حيدرآباد: احتساب عدالت حيدرآباد ٽريزري مان بيورو آف ڪريڪيولم سميت مختلف کاتن جا ڪوڙا چيڪ پاس ڪرائي 73 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

احتساب عدالت جي جج محبوب علي دايو ٽريزري ۽ بئنڪ جي 6 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا  ٻڌائي، جڏهن ته اڪائونٽ مجمند ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو

حيدرآباد جي احتساب عدالت طرفان هڪ جوابدار الهه بچايو جي ضمانت به رد ڪئي وئي آهي

عدالت چيو آهي ته ٽريزري حيدرآباد ۽ بئنڪ عملدارن گڏجي جعلي چيڪن ذريعي 73 ڪروڙ رپيا هڙپ ڪيا

سال 2018ع دوران جوابدار پير بخش سمون، محبوب هاليپوٽو، مشتاق شيخ، مستنصر سمون، مظفر سمون ۽ الله بخش جتوئي خلاف نيب ريفرنس داخل ٿيو هو

ھي به پڙھندا

موٽروي ميگا اسڪينڊل، ڊي سي آفيس مٽياري جو ٻيهر گهيرو