وياج سڀني جو گڏيل مسئلو آهي: مولانا فضل الرحمان

0
203

ڪراچي: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وياج رڳو مذهبي ماڻهن نه پر سڀني جو گڏيل مسئلو آهي، جنهن خلاف اجتماعي طور محنت ڪرڻي پوندي

ڪراچي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته شرعي عدالت وياج خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، عملدرآمد لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائڻو پوندو

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون، جنهن مان نڪرڻ آسان ناهي، سيمينار ۾ ڪيل ڳالهيون ۽ پاس ڪيل ٺهراءَ حڪومت جي رهنمائي ڪندا

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسين سڀ وياج جي خلاف آهيون پر عملي قدم کڻڻ تائين وياج جو خاتمو ممڪن نه آهي

ھي به پڙھندا

حيدرآباد ٽريزري ڪرپشن اسڪينڊل:6 جوابدارن کي سزا

ملڪ کي 5 سالن ۾ وياج کان آجو ڪري سگهون ٿا: اسحاق ڊار