حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ قائم نارا جيل جو قيدي سول اسپتال مان علاج دوران مبينا طور فرار ٿي ويو  آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته قيدي شاهنواز غوري کي 15 جون تي پوليس نارا جيل مان علاج لاءِ سول اسپتال ۾ قائم ڪارڊيولاجي وارڊ ۾ منتقل ڪيو هو جتان هو گذريل ڏينهن سپاهين کان ڇڏائي مبينا طور فرار ٿي ويو آهي. قيدي شاهنواز غوري جي فرار ٿيڻ واري اطلاع تي مختلف ٿاڻن جي پوليس سول اسپتال جي چئني پاسن کان چيڪنگ شروع ڪئي پر قيدي کين هٿ نه اچي سگهيو. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل قيدي بوگس چيڪ ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتاري بعد نارا جيل منتقل ٿيو هو. سندس تعلق شهدادڪوٽ واري علائقي سان آهي. ”پنهنجي اخبار“ پاران رابطو ڪرڻ تي ايس پي نارا جيل شڪيل ارباب ٻڌايو ته ڄاڻايل قيدي عدالتي پوليس جي تحويل ۾ هو ڇاڪاڻ ته جيل مان ٻاهر حاضرين توڙي علاج لاءِ ويندڙ قيدين کي ٻاهرين پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪري ٿي ان لاءِ هاڻي قيدي واري معاملي بابت عدالتي پوليس يا لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس جاچ ڪندي. پوليس ذريعن تصديق ڪئي ته ڄاڻايل قيدي هفتي کان لاڳيتو سول اسپتال ۾ داخل هو جتي جگر، پڦڙن ۽ دل سميت مختلف جسماني ٽيسٽون به ڪرايون ويون هيون. ذريعن اهو به ٻڌايو ته ڄاڻايل واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڊيوٽي آفيسر مارڪيٽ ٿاڻي پهتو هو پر سول اسپتال ۾ موجود ڊيوٽي وارا اهلڪار شاهدي لاءِ نه پهتا هئا جنهن ڪري ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.