لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ آپڪا جي سڏ تي پاپوليشن ويلفير کاتي جي عورت ۽ مردن ملازمن قلم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي.ان موقعي تي ملازم اڳواڻن پيرل دايو، شريف عمراڻي، ارشاد مغل، ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 425 ڪانٽريڪٽ ملازمن ريگيولر نه ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي گهوٽڪي جي 18 ملازمن جون 4 سال کان رهيل پگهارون جاري ڪيو پيون وڃن، هنن چيو ته 18 ترميم کان پوءِ مالازمن جي اپ گريڊٽيشن بحال نه ٿي سگهي پاپوليشن کاتي جا ملازم اڄ به ٽائيم اسڪيل کان محروم آهن وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ڪيل ننڍن ملازمن کي پروموشن ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم نٿيون ڪيون وڃن صرف آفيسرن جا پروموشن ڪيا ويا آهن ۽ ننڍن ملازمن کي نظرانداز ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ڪيڊر پوسٽون تي اڄ به نان ڪيڊر آفيسرن ۽ ملازم ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيا آهن هنن چيو اسين  ڊپٽي ڪمشنر جي معرفت سرڪاري ڀرتين کي سياسي ڀرتيون سمجهون ٿا ڇاڪاڻ ڀرتيون ادارن جي  سيڪيٽرين معرفت ٿيڻ گهرجن. ڊائريڪٽر جنرل جي پوسٽ ڊپارٽمينٽ جي ڪيڊر جي پوسٽ آهي ان تي ٻين کاتن جي آفيسرن بجاءِ اداري جي سينئر آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي. هنن چيو ته 6سالن کان کاتي کي فرينچر ناهي مليو ۽ ٽينڊر ٿيڻ جي باوجود فرينچر نه ورتو ويو جنهن معاملي جي نيب کان جاچ ڪرائي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته سوشل ميل موبائيلزر کي ليڊي هيلٿ ورڪرن جيان پنجون گريڊ ڏئي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جا پيسا ڏياري سمورا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.