سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب پوليس اهلڪار فوت، هڪ ڄڻو زخمي، خبر موجب  پراڻي ميرپور وٽ موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڦلھڏيون واسي پوليس اھلڪار حمزا انضمام الحق گجر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ڪار سوار ارشاد شديد زخمي ٿي پيو، فوتي اهلڪار جو مڙھ اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، اهلڪار جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو،