حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل آءِ جي اي ايس پي ڪينٽ جي بدلي وارو آرڊر ڪينسل ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد ٻه ڏينهن اڳ اي ايس پي ڪينٽ اياز حسين کي ٽنڊو آدم بدلي ڪيو هو، جڏهن ته ايس ڊي پي او ٽنڊو آدم لياقت علي ٽالپر کي ٽنڊو آدم مان بدلي ڪري حيدرآباد جي علائقي بلديا ۾ ڊي ايس پي مقرر ڪيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايس پي عبدالسلام شيخ جي درخواست تي اي آءِ جي ڪينٽ جي اي ايس پي اياز حسين جي بدلي وارو آرڊر ڪينسل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايس ڊي پي او ٽنڊو آدم لياقت علي ٽالپر کي به ساڳئي هنڌ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ جو چيو ويو آهي. ٻئي طرف اي آءِ جي ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر نورالقمر شيرواني کي بدلي ڪري ايس ڊي پي او بلديا مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس بدلي ۽ مقرري بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اي آءِ جي پاران 25 مئي تي اي ايس پي ڪينٽ اياز حسين ۽ ايس ڊي پي او ٽنڊو آدم جي بدلين روڪڻ وارو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج شرجيل کرل شهر ۾ وڌندڙ ڏوهاري سرگرمين جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي حيدرآباد کي حڪم ڏنو آهي ته شهر ۾ ٿيل وارداتن جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انهن وٽان ڦر ٿيل رقم ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو وڃي. ڊي آءِ جي پاران ايس ايس پي کي چيو ويو آهي ته 12 مئي تي ٽن هٿياربندن پڃاري ٿاڻي جي حد مان هٿيارن جي زور تي شارخ جميل نالي شخص کان 40 لک رپيا ڦر ڪئي هئي. 24 مئي تي هٿياربندن هنس ٽريڊرز مان 7 لک رپين جي ڦر ڪئي. وقاص نالي شخص کان 4 لک رپيا ڦر ڪيا ۽ موري منگر شيخ ڀرڪيو روڊ تي نامعلوم جوابدارن ڳوٺ قاسم ٿيٻو جي رهواسي غلام رسول ولد احمد خان کان سي ڊي 70 موٽرسائيڪل ڦر ڪئي. انهن ڪيسن جا جوابدار گرفتار ڪري رقم هٿ ڪئي وڃي.