مورو (ن پ ا) مورو باءِ پاس قومي شاھراھ تي بس اڏي جي مالڪي تان ڏاھري ۽ عالماڻي برادري جي ماڻھن ۾ ھلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو، ٻنھي ڌرين پاران اڏي جي مالڪي تان ھٿياربند ويھاري ڇڏيا، تڪرار جي خوف سبب مسافر ۽ علائقي جو عوام سخت پريشان، ڪنھن به وقت وڏي خون ريزي ٿيڻ جو خدشو، انتظاميا خاموش. ان سلسلي ۾ ڏاھري برادري جي خان ڏاهري ۽ عبدالستار ڏاهري پنھنجي برادري جي ماڻھن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته اسان جو 30 سالن کان وٺي بسن ۽ ويگنن جو اڏو ھلائيندا پيا اچون، اسان جو مورو شھر بس اڏن جون ٽي پوائنٽون آھن جتي ڪيترائي بسن جا اسٽاٽر ۽ مزدور ڪم ڪار ڪري پيٽ گذر ڪندا آھن گذريل 20 ڏينھن کان وٺي حاجي گلاب عالماڻي، حاجي احمد عالماڻي ۽ ٻيا ھٿيار بند وٺي اسان جي اڏي تي قبضو ڪيون ويٺل آهن. اسان ھتان جي انتظاميا سميت وزير اعلي سنڌ، ضياءُ الحسن لنجار ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪيو ته اسان جو 30 سالن کان ھلندڙ بس اڏي تي ڪيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.