ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ بچل بوداڻي ۾ زمين جي تڪرار تان خاصخيلي ۽ عمراڻي برادرين ۾ ٿيل خوني تڪرار جنهن ۾ 2 خاصخيلي نوجوان اياز گل ۽ جمن خاصخيلي قتل ٿيڻ سميت 28 مرد، عورتون ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا هئا. واقعي کان پوءِ ڌرين ۾ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي هئي جنهن بعد مامري جي نبيري لاءِ عمراڻي برادريءَ پاران سندن سردار ۽ پ پ بلوچستان جو اڳوڻو صدر سردار محمد صادق عمراڻي، سنڌ بلوچستان سان واڳيل عمراڻي برادريءَ جي چڱن مڙسن سميت پ پ ايم اين اي نويد ڏيرو، اڳواڻن عبدالرحمان ٿهيم، امير بخش عمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي منٿ ميڙ قافلو وٺي ڳوٺ بچل بوداڻي پهچي مقتولن جي وارثن نبي بخش خاصخيلي، رجب خاصخيلي، گلاب خاصخيلي، شير محمد خاصخيلي، ميان بخش خاصخيلي سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سردار صادق عمراڻي وارثن سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهه مٿي تي ڪري آيا آهيون تڪرار کي وڌائي نقصان ڪرڻ کان بهتر آهي ته پاڻ ۾ راڄوڻي نبيرو ڪري مسئلو حل ڪريون، وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون. خاصخيلي ڌر راضي ٿئي ته فيصلي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي وارثن نبي بخش خاصخيلي ۽ ٻين سردار صادق عمراڻي کي فيصلي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو پر هنن هڪ هفتي جي مهلت گهري ته جيئن جهيڙي ۾ مدد ڪندڙ توڙي برادريءَ جي چڱن مڙسن سان صلاح مشورو ڪري پوءِ جواب ڏينداسين.