نوشهروفيروز (ن پ ا) نوشهروفيروز جي عباسي ٽائون ۾ نينگر بليڊ سان ڳلو ڪپي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آھي. 17 ورهين جي آصف اڄڻ ھوٽل تي پورھيو ڪندو آھي ۽ گھر جي ڪمري ۾ ويھي بليڊ سان ڳلي تي ڇيهه ڏئي ڳلو کپي ڇڏيو. نوجوان پورھيت ٻڌايو ته مورو ۾ هوٽل تي مزدوري ڪندو آهيان جتي هوٽل مالڪ الياس راجپوت روزانو تشدد ڪندو هو جنهن تان تنگ اچي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آھي.