تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ چنو مري ۾ پيرسن ڳوٺاڻي عطاءُ الله جکراڻي جو وڻ ۾ ڏنگيل لاش هٿ آيو، پيرسن جو لاش ڏسي وارثن اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو، پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان پيرسن جي وارثن ٻڌايو ته عطاءُ الله بيماري سبب پريشان رهندو هو، جنهن سبب هن آپگهات ڪيو آهي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته اطلاع تي پهچي پيرسن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ مامري جي خبر پوندي، پوليس موجب پيرسن جي وارثن آپگهات جو ٻڌايو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻي طرف پيرسن جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.