سکر (بيورو رپورٽ)سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس آفتاب احمد گورڙ ۽ جسٽس فھيم احمد صديقي تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ پھاڙن کي ٽڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڌماڪيدار مواد ۽ انساني آبادي لاءِ ھاڃيڪار ڪريشنگ مشين جي استعمال خلاف وڪيل علي رضا بلوچ معرفت داخل ڪرايل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي. وڪيل علي رضا بلوچ موجب عدالت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ڪريش مشينري کي ماحول دشمن قرار ڏيندي آبادي وارن علائقن ۾ ڄاڻايل ڪريش مشين تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي ۽ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز کي فوري طور ڪريش مشينون آبادي وارن علائقن مان بند ڪرائي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. وڪيل موجب درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ھو ته پهاڙ ٽوڙڻ لاءِ ڌماڪيدار مواد استعمال ڪرڻ سان عمارتن کي نقصان پھچي ٿو اِن سان گڏ انساني صحت لاءِ پڻ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿو، ڪريش مشينن جي مدد سان ماحول آلودگيءَ جي ور چڙھي وڃي ٿو. اھڙي درخواست تي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو آھي.