شهدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ جو ارڏو سياستدان 2 ڀيرا تعلقي ناظم رهندڙ شھدادڪوٽ عوامي اتحاد جو سربراهه حاجي سردار علي جروار ڪجهه وقت بيمار رھڻ بعد 70 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ڳوٺ جيئند جروار ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سردار علي جروار 3 گهرواريون، 7 پٽ ۽ 9 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن، مرحوم 2002ع کان 2008ع تائين آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ شهدادڪوٽ جو تعلقي ناظم رهيو، جنهن بعد هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، ٿوري عرصي بعد پارٽي قيادت سان اختلافن بعد هن پ پ پ جي مخالفت ۾ 2015ع جي مڪاني چونڊن ۾ شھدادڪوٽ عوامي اتحاد جوڙيو.