قبوسعيدخان (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي باريجا جي ڳوٺ جان محمد کوسو ۾ چوٿين ڪلاس جو ٻارڙو اسڪول ۾ تيز بخار هجڻ ڪري مبينا طور استاد کان موڪل وٺڻ لاءِ ويو پر استاد کيس موڪل نه ڏني، جنهن بعد شاگرد منير احمد ولد نظير احمد کوسو اسڪول مان ڀڃي گهر پهچڻ بعد بيهوش ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو، ان حوالي سان فوتي شاگرد جي چاچي ڀٽا کوسو الزام هڻندي چيو ته ڀائيٽي کي بخار هو، جنهن سبب هن استاد کان موڪل ورتي پر کيس موڪل نه ڏني وئي، جنهن سبب ٻارڙو فوت ٿيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي استاد خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.