حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر هڪ ماڊل ٽرائل مئجسٽريٽ ڪورٽ نمبر 2 پاڪستان  اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ 2016ع (پيڪا) تحت داخل ڪيس مان پيٽروليم واري وزارت جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محسن علي کهاوڙ کي بري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد ايوب پنهور ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم رپورٽنگ سينٽر حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته محسن علي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي کيس بدنام ڪندي عزت مجروع ڪرڻ واري پوسٽ رکي جنهن بعد اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محسن علي لاڳاپيل عدالت ۾ بريت لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته جاچ آفيسر کانئس جاچ دوران ڪو به سامان تحويل ۾ نه ورتو هو جنهن ڪري ڄاڻايل درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي جڏهن ته بيان رڪارڊ ڪرڻ دوران هن پاڻ الزام لڳائيندڙ تي کيس بدنام ڪرڻ جو الزام هڻندي جاچ آفيسر کي 10 اسڪرين شارٽ فراهم ڪيا پر هن شاهديون گڏ نه ڪيون. شنوائي دوران اي ڊي ليگل ايف آءِ اي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پيڪا آرڊيننس متعلق فيصلو ۽ ان جي پسمنظر ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل آرڊر کانپوءِ بريت جي منظوري لاءِ مخالفت نه ڪئي ۽ ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا آرڊيننس جي سيڪشن 20 کي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي پيٽروليم واري وزارت جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محسن علي کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته محسن علي کھاوڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني شعبي ۾ ڀڃڪڙيون ڪرڻ ۽ پوسٽنگ واري معاملي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.