مٺي (رپورٽر) ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 3 ٻارڙا حياتي وڃائي ويٺا، ٿر ۾ غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن جي فوتگين  جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، ڪالهه مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوت ٿيل ٻارن ۾ 10 مهينن جي حسينا ۽ 2 تازا ڄاول ٻارڙا شامل آھن،