جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ عملي پاران مريضن سان اڍنگو رويو اختيار ڪرڻ جو  عمل رڪجي ناهي سگهيو، سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ مريض کي وارث علاج لاءِ اسپتال کڻائي پهتا ته سيڪيورٽي گارڊن اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جن کي مريض جي وارثن منٿون ڪيون پر اسپتال اندر داخل ٿيڻ به ڏنو ويو جڏهن ته مريض جي وارثن مريض کي جمس اسپتال جي مک دروازي اڳيان سمهاري احتجاج ڪيو جنهن دوران مريض جي وارثن جو عملي سان منهن ماري به پڻ ٿي ان باوجود به مريض کي بيدخل ڪيو ويو. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي اھڙو وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شهرين ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سالياني 70 ڪروڙ جي بجيٽ رکندڙ اسپتال ۾ مريضن سان اڍنگو رويو اختيار ڪرڻ جو عمل جاري آهي سفارشي ماڻھن بنا غريب مريضن کي رولايو وڃي ٿو هنن وڏي وزير سنڌ ۽ صوبائي وزير صحت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو واضح رهي ته ان کان پهريان به جمس اسپتال ۾ بدانتظامي بابت اڳ به ڪيترائي وڊيو وائرل ٿي چڪا آهن.