حيات پتافي (ن پ ا) حيات پتافي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جو فصل پچي تيار، لابارا شروع ٿي ويا. سرڪاري سطح تي ڪڻڪ خريداري مرڪز کلي نه سگھيا. خبر موجب حيات پتافيءَ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جو فصل پچي تيار ٿيڻ بعد لابارا شروع ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي آبادگارن جو چوڻ آهي ته نئين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچي وئي آهي. ان جي باوجود ضلعي انتظاميا حيات پتافي سميت پوري ضلعي  اندر ڪڻڪ خريداري مرڪز کولي نه سگهي آهي. آبادگار ۽ ھاري بارداني لاءِ پريشان آهن. هوڏانهن سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ في مڻ جو سرڪاري اگهه 4000 رپيا مقرر ڪرڻ باوجود واپاري ڪڻڪ في مڻ 3600 رپيا تي خريد ڪري رهيا آهن.آبادگارن نادر علي حيدراڻي، اسلم خشڪ، خدابخش ڪورائي  ۽ ٻين ڊي سي گھوٽڪي ۽ ڊي ايف سي ميرپور ماٿيلو کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد فوڊ سينٽر کولي سرڪاري اگھه تي ڪڻڪ خريداري شروع ڪئي  وڃي.