نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) هاڪڙي درياءَ ۾ پاڻي جو چاڙهه، ٻوڏ بعد بند ڪمزور هجڻ ۽ مرمت نه ٿيڻ ڪري پاڻي آبادي ڪاهي پيو، هڪ سئو کان وڌيڪ ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، علائقي واسي سخت پريشان، خبر موجب تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ حاجي اوڀايو چانڊيو، قاضي چانڊيو، نور شاهه ۽ آس پاس ٻوڏ بعد هاڪڙي درياءَ جي بندن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري پاڻي جي سطح ۾ اوچتو واڌ اچڻ بعد پاڻي آبادي وارن علائقن طرف وڌڻ لڳو آهي، جنهن ڪري هڪ سئو کان وڌيڪ ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ ۽ اسپنگر جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ان سلسلي ۾ علائقي واسين لطيف چانڊيو، علي نواز ۽ ٻين ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته 2022ع جي ٻوڏ علائقي ۾ وڏي تباهي آندي، جنهن بعد انتظاميا هاڪڙي درياءَ جي بندن تي ٽڪي جو مرمتي ڪم نه ڪرايو، 2022ع جي ٻوڏ دوران لڳل گهارا بند نه ڪيا ويا، جنهن ڪري هن وقت سالياني پاڻي جي وارا بندي ختم ٿيڻ بعد مٺڙائون ڪئنال جو پاڻي هاڪڙي درياءَ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي، هاڪڙي درياءَ جا بند مضبوط نه هئڻ ڪري پاڻي تيزي سان آبادي وارن علائقن ڏانهن وڌي رھيو آھي، هنن چيو ته پاڻي وڌڻ سان اسان جو سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ ۽ اسپنگر جو فصل ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي، 2022ع جي مها ٻوڏ دوران اسان جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، جنهن بعد ٻيهر قرض کڻي زمين آباد ڪئي، هاڻي برسات کان اڳ فصل لهڻ جي ويجهو آهي ته هاڪڙي درياءَ ۾ پاڻي وڌي ويو آهي، جنهن ڪري فصل ٻڏي ويو، هنن چيو ته هاڪڙي درياءَ جا اصل وهڪرا بحال نه هئڻ ڪري پاڻي اڳتي وڃڻ بجاءِ علائقي کي ٻوڙيندو رهي ٿو، اسان پنجن سالن کان دانهون ڪندا پيا اچون ته هاڪڙي درياءَ کي آر ڊي 261 وٽان ڏنل هٿرادو بند ختم ڪري اصلي وهڪرا بحال ڪيا وڃن، جيئن نئون ڪوٽ ۽ جهڏو سميت ڪلوئي وارو علائقو ٻڏڻ کان بچي سگهي، هنن مطالبو ڪيو ته هاڪڙي جي ڪمزور بندن جي مرمت ڪرائي اصل وهڪرا بحال ڪيا وڃن، واضح رهي ته گذريل سال ٻوڏ دوران هاڪڙي درياءَ جو پاڻي بندرن تان اور ٽاپ ٿي نئون ڪوٽ جي هريجن ڪالوني، ملاح پاڙو، مير وقار ڪالوني، واحد ڪالوني، سميت  ڪلوئي ۽ جهڏو تعلقي جي 40 کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل کي ٻوڙي تباهه ڪيو هو، جنهن ڪري علائقي واسي چئن مهينن تائين ٿر جي ڀٽن تي بي يارو مددگار ويٺل هئا.