سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ جي اڳواڻن ولي حيدر، علي نواز جلباڻي، حاڪم گل مهر، علي گوهر گبول، برڪت علي ناپر ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مزدور عورتن جي عالمي ڏينهن تي “ڳوٺاڻن جا انمول اثاثا بچايو” مهم شروع ڪئي وئي آهي، جنهن مهم جو مقصد حڪومت پاران تازو قدرتي کليل کير جي وڪري تي مڪمل پابندي جي قانون ۽ چوپائي مال واري شعبي خلاف سازشن بابت عوام کي متحرڪ ڪرڻ آهي. هنن جو چوڻ هو ته کليل کير جي وڪري تي پابنديءَ وارو قانون عالمي سيڙپڪار ڪمپنين جي چوڻ تي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان جو مقصد لکين مالوند گهراڻن جي روزگار ۽ خوراڪ تي ڌاڙو هڻڻ آهي، جنهن کي ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ان ڪري ئي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڳوٺاڻن جا قيمتي اثاثا بچائڻ جي مهم شروع ڪئي پئي وڃي. هنن واضح ڪيو ته ملڪ جي اڪثريتي آباديءَ جي جياپي جو دارومدار چوپائي مال ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ تي آهي. ان ڪري ڳوٺاڻن جا روائتي قيمتي اثاثا تباهه جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.q