حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ڊاٽسن ڊرائيور حنيف ڪاتيار جي قتل ڪيس ۾ عبوري ضمانت ڪرائيندڙ پوليس جي مخبر جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، جوابدار عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس جي مخبر عابد نونداڻي وڪيل معرفت لاڳاپيل عدالت مان هڪ لک رپين عيوض گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائي هئي. گذريل ڏينهن جوابدار پڪي ضمانت لاءِ وڪيل معرفت پيش ٿيو. فورٿ ايڊيشنل سيشن جج غلام مرتضيٰ بلوچ جي عدالت فريادي ڌر جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جي عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. 18 ڊسمبر 2021ع تي راهوڪي ٿاڻي جي پوليس ٽنڊو الهيار جي مال پڙي مان ڊاٽسن ڊرائيور حنيف ڪاتيار کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو جتي هو پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيو. 19 ڊسمبر تي سندس ڀاءُ انصاف ڪاتيار جي فرياد تي پوليس اڳوڻي معطل ايس ايڇ او اقبال عباسي، اهلڪار خميسو نونداڻي سميت 5 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو. لاڳاپيل عدالت گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائيندڙ اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ ٻن اهلڪارن سميت ٽن ڄڻن جي عبوري ضمانت رد ڪئي هئي جنهن بعد ايس ايڇ او ٻيهر هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي. جاچ ڪميٽي جاچ دوران پوليس جي ٻن مخبرن عابد نونداڻي ۽ عمران ڌوٻي جا نالا به شامل ڪيا هئا جن مان عابد نونداڻي ضمانت ڪرائي هئي پر عدالت سندس ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي.